وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين طارق اقبال، ميان طارق ۽ مهر هارون سميت ٻين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

law-mono

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين طارق اقبال، ميان طارق ۽ مهر هارون سميت ٻين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جوابدارن کي 3 ڊسمبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ٽڊاپ جي اڳوڻي چيئرمين طارق اقبال، مهر هارون ۽ ميان طارق پيش نه ٿيا.

ٽنهي جوابدارن پاران ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ مسلسل پيش نه ٿيڻ تي عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 3 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ٽنهي جوابدارن خلاف ٽڊاپ ۾ 7 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي ۽ سندن خلاف ڪرپشن جا 72 ڪيس هلندڙ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*