ملير ۾ ٽرالر موٽرسائيڪل تي چڙهي ويو،3 ڄڻا فوت ٿي،هڪ نينگري سخت زخمي

malir-accident

 ملير ۾ ٽرالر موٽرسائيڪل تي چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگري سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نينگري سخت زخمي ٿي پئي .

شيدي ڳوٺ ويجهو ٽرالر اڳيان ويندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ميرپور ساڪري واسي سجاد علي جوکيو ، عورت ۽ نينگري موقعي تي فوت ٿي ويا،جڏهن ته  هڪ نينگري سخت زخمي ٿي پئي.

ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمي ٻارڙي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*