تاجڪستان جو صدر ٻن ڏهاڙن جي دوري تي 12نومبر تي پاڪستان پهچي رهيو آهي

Tajik-president,-Imam-Ali-Rahman

تاجڪستان جو صدر ٻن ڏهاڙن جي دوري تي 12نومبر تي پاڪستان پهچي رهيو آهي، جتي هو هم منصب ممون حسين ۽ وزير اعظم نواز شريف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو.

 پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تاجڪ صدر امام علي رحمان وزير اعظم نواز شريف جي دعوت تي 12نومبر ڏهاڙي پاڪستان پهچندو.

ترجمان موجب، دوري دوران تاجڪ صدر سان گڏ وفاقي وزير ۽ بزنس ڪميونٽي جو وفد به شامل هوندو.

قاضي خليل چيو آهي تاج صدر سان ملاقات دروان ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

واضح رهي ته تاجڪستان جي صدر صدر امام علي رحمان پاڪستان جو ڇهون دورو ڪري رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*