ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ايس پي مقصود خان تي حملي واري ڪيس ۾ جاچ پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

court-31-07

ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ  جي عدالت ايس پي مقصود خان تي حملي واري ڪيس ۾ جاچ پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ايس پي مقصود خان تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران آرام باغ ٿاڻي جي جاچ آفيسر  عدالت کي ٻڌايو ته حملي ۾ ايس پي فاروق اعواڻ، ايس پي خرم وارث ۽ ايس پي راجا عمر خطاب جي   ملوث هئڻ جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن.

عدالت جاچ آفيسر جي آگاهي بعد کيس حڪم ڏنو ته ڪيس جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

مقصود خان عدالت کي درخواست ڏني هئي ته مٿس ٿيل حملي ۾ ايس پي فاروق اعواڻ، ايس پي خرم وارث ۽ ايس پي راجا عمر خطاب ملوث آهن.

عدالت جاچ آفيسر جي آگاهي بعد کيس حڪم ڏنو ته ڪيس جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*