ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي جاچ آفيسر کي جوابدارن خلاف حتمي چالان 22 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ATC-karachi-21-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي جاچ آفيسر کي  جوابدارن خلاف حتمي چالان 22 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

صفوران سانحي جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر واقعي ۾ سهولتڪار هئڻ جي الزام هيٺ گرفتار سلطان قمر، حسين قمر ۽ نعيم ساجد خلاف  ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته حملي ۾ ملوث جوابدار، سهولتڪار حسين قمر جي گهر ۾ ترسيل هئا ۽ سهولتڪارن زاهد موتيوالا کان هٿيار خريد ڪري جوابدار فهد عزيز ۽ ٻين کي ڏنا، جن اهي هٿيار حملي ۾ استعمال ڪيا.

عدالت اهڙي آگاهي بعد جاچ آفيسر کي صفوران سانحي جي جوابدارن خلاف حتمي چالان 22 نومبر تي  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

صفوران سانحي ۾ 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته ان ڪيس ۾ ٽن سهولتڪارن سميت 8 جوابدار گرفتار ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*