سپريم ڪورٽ، مغل پوره ۾ ٻارڙي سان زيادتي واري ڪيس ۾ جوابدارن کي ٽن مهينن اندر گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

lahore-supreme-court

سپريم ڪورٽ، مغل پوره ۾ ٻارڙي سان زيادتي واري ڪيس ۾ جوابدارن کي ٽن مهينن اندر گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته مهلت باوجود جوابدار گرفتار نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي.

جسٽس ميان ثاقب نثار تي ٻڌل سپريم ڪورٽ رجسٽري جي 2 ڪني بينچ پاڻمرادي نوٽيس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

مهلت باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ تي عدالت پوليس عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته حڪم باوجود به لاهور پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس متاثر ٻارڙي جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نه پئي ڪري.

پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن تائين رسائي ملي ويندي.

پوليس عملدار عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي آهي.

عدالت جوابدارن کي ٽن مهينن اندر گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 مهينن تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*