نوري آباد ويجهو تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙي فوت ۽ 11 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا

nooriabad-accident

نوري آباد ويجهو تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾  ٻارڙي فوت ۽ 11 کان وڌيڪ مسافر زخمي  ٿي پيا.

 ڪراچي کان حيدر آباد ويندڙ مسافر ڪوچ نوري آباد ويجهو ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي صدوري ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

حادثي ۾ نوجوان لعل بخش، الطاف، گل محمد، فيض علي، ڊاڪٽر اڪبر ملاح، جاويد، پهلاج ۽ نور محمد سميت 11 زخمي ٿي پيا، جن کي ڄامشوور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب حادثو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*