ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ڪارڪن کي 14 ۽ ٻئي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ڪارڪن کي 14 ۽ ٻئي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن نفيس غني ۽ عدنان خلاف ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نفيس غني کي 14 ۽ عدنان کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ٻنهي جوابدارن کي 2014ع دوران پريڊي ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو آهي، سندن خلاف ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ جو ڪيس هلندڙ هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*