سنڌ سرڪار نيب سان پلي بارگين ڪري رقم واپس ڪندڙ ناڻي کاتي جي 18 ملازمن مان چئن کي جبري رٽائرڊ ۽ هڪ کي برطرف ڪري ڇڏيو

NAB-and-Sindh-govt

سنڌ سرڪار نيب سان پلي بارگين ڪري رقم واپس ڪندڙ  ناڻي کاتي جي 18 ملازمن مان چئن کي جبري رٽائرڊ ۽ هڪ کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 13 ملازمن جا گريڊ گهٽائڻ سميت سندن انڪريمنٽون ختم ڪيون ويون آهن.

سنڌ سرڪار ناڻي کاتي جي 18 ملازمن مان سکر جي جونيئر ڪلارڪ شهباز، حيدرآباد جي علي حسن ابڙو، عمر ڪوٽ جي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ نديم شيخ ۽ دادو واسي پٽيوالي محمد ابراهيم نوحاڻي کي جبري طور رٽائرڊ ڪري ڇڏيو آهي.

پي بار گين ذريعي نيب کي رقم واپس ڪندڙ عمرڪوٽ جي سب اڪائونٽنٽ منظور شاهه کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي.

ناڻي کاتي جي 13 ملازمن جا گريڊ گهٽائڻ سميت سندن انڪريمنٽون ختم ڪيون ويون آهن، جن ۾ سکر جو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالعزيز دائود پوٽو ۽ارشاد قريشي شامل آهن.

سکر واسي سب اڪائونٽنٽ عبدالله ميمڻ، سب اڪائونٽنٽ شهباز ڏنو وسطڙو، ٺٽي جي اڪائونٽنٽ محمد جمن شمس ۽ قمبر جي سب اڪائونٽنٽ محمد خان جا گريڊ گهٽائڻ سميت سندن انڪريمينٽون ختم ڪيون ويون آهن.

قمبر جي سب اڪائونٽنٽ ذوالقرنين شاهه ،عمر ڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيسر مشتاق شيخ، ڄامشوري جي سب  اڪائونٽنٽ عبدالواحد جمالي ۽ سب اڪائونٽنٽ فياض سولنگي جا به گريڊ گهٽائڻ سميت سندن انڪريمينٽون ختم ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*