سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري، نارو ۾ ٽائون ڪميٽي ۽ صحت مرڪز تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو

anti-corruption-sindh-10-11

سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري، نارو ۾ ٽائون ڪميٽي ۽ صحت مرڪز تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو ۽ ٺٽي جي سول اسپتال تي  دوران سول سرجن رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ناري ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ٽائون ڪميٽي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، عملدارن موجب آفيس ۾ ترقياتي ڪمن ۾ 80 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم سول جج ڪوٽڏيجي جي نگراني ۾ ٽائون آفيس تي ڇاپو، جنهن دوران ٽي ايم او ۽ ٻيو عملو فرار ٿي ويو.

ڇاپي دوران اينٽي ڪرپشن ٽيم گذريل 10 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

سرڪل آفيسر همٿ چانڊيو جو چوڻ هو ته ٽي ايم آفيس ۾ ترقياتي ڪمن ۾ 80 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جاچ لاءِ رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم ناري جي صحت مرڪزي تي به ڇاپو هڻي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، عملدارن موجب دوائن جي خريداري بابت جاچ ڪري ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هوڏانهن اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم ٺٽي جي سول اسپتال تي ڇاپو هڻي سول اسپتال تي ڇاپو هڻي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن کان پڇا ڳاڇا ڪئي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم سول سرجن آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ طلب ڪيو، جنهن تي اسپتال جي ايم ايس رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي اينٽي ڪرپشن نادر ابُڙو جو چوڻ آهي ته اسپتال جي بجيٽ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، سول سرجن رڪارڊ پيش نه ڪيو ته زبردستي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*