سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽي مان کنڀي گم ڪيل سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ شاگرد اساما حبيب جي بازيابي واري درخواست تي ڊي جي رينجرز ۽ ٻين عملدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Sindh-high-court-10-11

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽي مان کنڀي گم ڪيل سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ  شاگرد اساما حبيب جي بازيابي واري درخواست تي ڊي جي رينجرز ۽ ٻين عملدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت اوڀر ضلعي جي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ٻه رڪني بنچ شاگرد اساما حبيب جي والدهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شاگرد جي ماءُ شبانا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته  رينجرز سندس پٽ کي  2 نومبر تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو ڪوبه پتو نه پيو آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي ڊي جي رينجرز ۽ ٻين عملدارن کي 27نومبر تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ساڳي بئنچ اوڀر ضلعي جي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن.

عدالت ۾ اوڀر ضلعي مان اغوا ۽ مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل ناري جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناري جي ماءُ عدالت کي ٻڌايو سندس ڌي جي اغوا ڪيس جو فيصلو نه اچڻ سبب جوابدار ضمانت تي آزاد ٿي ويا آهن.

هن ٻڌايو ته سندس ڌي کي 13 جولاءِ 2014 ۾ اغوا ڪيو ويو ۽ اها آڪٽوبر ۾ بازياب ٿي،پوليس جنوري 2015 ۾ چالان پيش ڪيو پر جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت چالان منظور يا رد ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي.

عدالت اهڙي آگاهي بعد اوڀر ضلعي جي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*