خيرپور ۾ جي ايس ٽي ٽيچرس گذريل 36 مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

khairpur-map10-8

خيرپور ۾ جي ايس ٽي ٽيچرس گذريل 36 مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

استادن نعيم الله ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته سبجيڪٽ ۽ عربي پڙهائيندڙ ٽيچرس کي گذريل 36 مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب هو معاشي پريشانين جو شڪار آهن.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود پگهارون جاري ناهن ٿيون ۽ انهن  ۾ اضافو به ناهي ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*