بيلاروس سان تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ سهڪار وڌايو ويندو،وزير اعظم نواز شريف

Nawaz-sharif--Belarusian-PM-Andrei-Kobyako

پاڪستان ۽ بيلاروس، زراعت، خوراڪ ۽ انفراسٽچڪر سميت 18 شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ وارن معاهدن تي صحيحون ڪري ورتيون آهن، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته بيلاروس سان تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ سهڪار وڌايو ويندو، آندري ڪوبيڪوف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ اسلام آباد سان سهڪار ڪيو ويندو.

ٽن ڏينهن جي پاڪستاني دوري تي پهتل بيلاروس جي وزيراعظم آندري ڪوبيڪوف وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ تقريب منعقد ٿي، جنهن دوران زراعت، خوراڪ ۽ انفراسٽرڪچر سميت 18 شعبن ۾ سهڪار واڌائڻ وارن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

بيلا روس جي وزير اعظم خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته اسلام آباد جي معيشت جي بهتر لاءِ به سهڪار ڪيو ويندو.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته بيلاروس سان تيل ۽ گيس جي شعبن ۾ به سهڪار وڌايو ويندو.

هن چيو ته پاڪستان بيلاروس سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائڻ تي هو بيلاروس جا ٿورائتا آهن.

ان کان اڳ بيلا روس جو وزير اعظم آندري ڪوبيڪوف پي ايم هائوس اسلام آباد پهتو، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

وزير اعظم نواز شريف مهمان هم منصب جو استقبال ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڃايا ويا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*