قومي اسيمبلي ۾ درازا سانحي خلاف فنڪشنل ليگ ميمبرز واڪ آئوٽ ڪيو

national-assembly06-11-15

قومي اسيمبلي ۾ درازا سانحي خلاف فنڪشنل ليگ ميمبرز واڪ آئوٽ ڪيو، غوث بخش مهر چيو ته پهرين مرحلي ۾ رتو ڇاڻ ٿي، چونڊ نتيجا ڪالعدم قرار ڏيڻ ڏنا وڃن، فهميده مرزا چيو آهي ته درازا ۾ 11 ماڻهن کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو، خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت زلزلي متاثرن جي واهر لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، وزيراعظم نواز شريف ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ هڪ رات کليل آسمان هيٺ گذاري ڏسن ته کين پتو پئجي ويندو ته متاثر ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڊپٽي اسپيڪر مرتضي جاويد عباسي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ درازا سانحي ۽ مڪاني چونڊن سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

درازا سانحي خلاف فنڪشنل ليگ ميمبرز واڪ آئوٽ ڪندي پهرين مرحلي جي چونڊ نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

ف ليگ جي غوث بخش مهر چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ رتو ڇاڻ ڪرائي وئي، اڳواڻن سميت 11 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، پر سنڌ حڪومت ساڻن رابطو نه ڪيو.

پ پ جي فهميده مرزا چيو سنڌ سرڪار بدين ۾ به ڌانڌلي جي رٿابندي ڪري ورتي آهي، جنهن جا ثبوت ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته پهرين مرحلي جي پولنگ دوران هڪ جماعت جي 11 ماڻهن کي ماريو ويو.

فهميده مرزا جي تقرير دوران نفيسه شاهه احتجاج ڪيو، جنهن دروان ٻنهي ميمبرز وچ ۾ ڏند چڪ ٿي.

نفيسه شاهه چيو ته دارازا سانحي جي ذميوار سنڌ سرڪار ناهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته حڪومت زلزلي متاثرن جي واهر لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، وزيراعظم نواز شريف ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ هڪ رات کليل آسمان هيٺ گذاري ڏسن ته کين پتو پئجي ويندو ته متاثر ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

تحريڪ انصاف جي عارف علوي چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مڪاني چونڊن جو ٻيو  مرحلو فوج جي نگراني ۾ ڪرايو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*