اين اي 122تي تحريڪ انصاف جي هارايل اميدوار عليم خان تصديق ٿيل ووٽن جي رڪارڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

Aleem-Khan-Na-122

اين اي 122تي تحريڪ انصاف جي هارايل اميدوار عليم خان تصديق ٿيل ووٽن جي رڪارڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، عليم خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ 2 هزار 600 اضافي ووٽ وڌا ويا، جن جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن وٽ ناهي.

اين اي 122 تي ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ جي سردار اياز صادق کان شڪست کاڌل پي ٽي آءِ اميدوار عليم خان تصديق ٿيل ووٽن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تڪ تي 6 هزار اضافي ووٽ ڪاسٽ ٿيا، پر ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن وٽ رڪارڊ ئي موجود ناهي.

اليڪشن ڪميشن عليم خان جي درخواست تي نادارا کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ کي تصديق ٿيل ووٽنگ جي فهرست ڏني وڃي.

ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي عليم خان چيو ته اين اي 122 تي تصديق ٿيل ووٽ جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي.

عليم خان چيو ته تحريڪ انصاف جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جيستائين شفاف اليڪشن نه ٿيندي تيستائين پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*