ڪراچي ۾ ٽرڪ ۽ ڊمپرز اونرز ايسوسئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

truck-strike-karachi

ڪراچي ۾ ٽرڪ ۽ ڊمپرز اونرز ايسوسئيشن  پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري آهي، جڏهن ته ٽرڪ ۽ ڊمپرز  مالڪن جي وفد ۽ ڊي جي موٽر وي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.

ٽرڪ ۽ ڊمپرز اونرز ايسو سئيشن   وارن پنهنجيون گاڏيون بيهاري احتجاج ڪيو  آهي.

احتجاج ڪندڙ ن جو چوڻ آهي ته سپر هاءِ وي تي سفر دوران موٽر وي پوليس اوور لوڊننگ جو جواز ڄاڻائي ريتي بجري لاهڻ سان گڏ گاڏين جو چالان ڪري ٿي، جيڪا ناانصافي آهي.

ٽرڪ ۽ ڊمپرز اونرز ايسوسئيش جي احتجاج بعد ايسوئيشن جي صدر يوسف خان جي اڳواڻي ۾ وفد جون ڪراچي ۾ ڊي جي موٽر وي سان ڳالهيون هلندڙ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*