ڪراچي ۾ هلندڙ سال آگسٽ مهيني ۾ پوليس مقابلي ۾مارجي ويل صالح محمد بلوچ نالي دهشتگرد بابت انڪشاف ٿيو

Karachi-Map-7-7-15

ڪراچي ۾ هلندڙ سال آگسٽ  مهيني  ۾ پوليس مقابلي ۾مارجي ويل صالح محمد بلوچ نالي دهشتگرد بابت انڪشاف ٿيو آهي ته سندس اصل نالو ادريس بلوچ هو ۽ هو  نائن اليون سانحي جي ماسٽر مائينڊ ۽ القاعده اڳواڻ خالد شيخ محمد جو ڀاڻج هو.

18 آگسٽ تي  گلشن اقبال  13 ڊي ۾ پوليس مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ حساس اداري جو هڪ عملدار به شهيد ٿيو هو.

مقابلي ۾ مارجي ويل هڪ دهشتگرد جي صالح محمد بلوچ طور سڃاڻپ ظاهر ڪئي وئي هئي پر هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار جو اصل نالو ادريس بلوچ هو، جنهن جو تعلق ايران سان ٻڌايو پيو وڃي.

ميڊيا رپورٽس موجب جوابدار ادريس بلوچ ايراني شهري ۽ نائين اليون واقعي جي ماسٽر مائينڊ خالد شيخ محمد جو ڀاڻج هو، وٽس پاڪستان جو جعلي سڃاڻپ ڪارڊ به هو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ادريس بلوچ القاعده جي ويب سائيٽ ذريعي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ دهشتگردن سان رابطي ۾ رهڻ سان گڏ اهم پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندو هو.

واضح رهي ته خالد شيخ محمد کي نائين اليون جو ماسٽر مائينڊ سمجهيو ويندو آهي، کيس آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل  جي قتل ۾ به ملوث ڄاڻايو ويو  هو.

خالد شيخ محمد کي پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي مان گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو ويو، هن وقت هو گوانٽانامو بي ۾ قيد آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*