حيدرآباد پوليس ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي ۾ ٻن مبينا ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي

Hyd-Police-11-11

حيدرآباد پوليس ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي ۾ ٻن مبينا ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب فجر مهل ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ مقابلو ڪري ٻن مبينا ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٻنهي ڏوهارين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ، جتي سندن سڃاڻپ سجاد ۽ ڪرم جي نالي طور ٿي آهي.

پوليس موجب، گرفتار جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا، ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ مقابلي دوران ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

پوليس موجب، جوابدارن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي نشاندهي تي سندن ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويندو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*