وزيراعظم ميان نوازشريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچي رهيو

NawazSharif-Karachi

وزيراعظم ميان نوازشريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچي رهيو آهي، پاڪ نيوي جي مشقن جو جائزو وٺڻ سميت هندو برادري جي ڏياري تقريب ۾ شرڪت ڪندو.

وزيراعظم ميان نوازشريف اسلام آباد کان ڪراچي ۾ پي اي ايف بيس فيصل تي پهچندو، جتان پاڪ نيوي جي جنگي مشقن اسپارڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ روانو ٿيندو.

نيول چيف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله ۽ ٻيا عملدار وزيراعظم کي سامونڊي فوج جي پيشِيوراڻن معاملن بابت بريفنگ ڏيندا.

ذريعن موجب وزير اعظم ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ هندو برادري پاران منعقد ٿيندڙ  ڏياري تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.

وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد به وزيراعظم سان ملاقات ڪندا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*