سنڌ سميت سموري دنيا ۾ هندو برادري پاران اڄ ڏياري جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي

Hindu-Diwali-11-11

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ هندو برادري پاران اڄ ڏياري جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي، اڄ ڏيئا روشن ڪري محبت، امن، ڀائيچاري ۽ خوشحالي لاءِ خاص پرارٿنائون ڪيون وينديون.

اڄ ڏياري تي گهرن ۽ مندرن کي رنگن سان سينگاري پوڄا پاٽ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ان خوشي جي ڏڻ تي گهرن ۾ مختلف مٺا طعام تيار ڪيا پيا وڃن.

هندو برادري جو چوڻ آهي ته خوشيون کڻي ايندڙ ڏياري تي لڇمي ماتا جي پوڄا ڪري سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي جون گهريون وينديون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*