خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾ گهر اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

khyberagency13-8

خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾ گهر اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جمرود جي شاڪس واري علائقي ۾ هڪ گهر اندر زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليٽيڪل انتظاميا موجب، واقعي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 پوليٽيڪل انتظاميا  جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل چئني ڄڻن کي پشاور جي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گهر اندر پيل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جاچ جاري آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*