ڪنڌڪوٽ پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪندي ٽن ڊرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائڻ بعد 7 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي

Kandhkot

ڪنڌڪوٽ پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪندي ٽن ڊرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائڻ بعد 7 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ڪانواءِ ۾ ويندڙ مسافر گاڏين تي فائرنگ ۽ هڪ ڄڻي جي قتل بعد ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

پوليس موجب ڪچي جي ماڇي پتڻ واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران ٽن مغوي ٽرڪ ڊرائيورس کي بازياب ڪرائي 7  ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته رات دير سان بخشاپور ويجهو جوابدارن ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ پوليس ڪانواءِ ۾ ويندڙ گاڏين تي فائرنگ ڪئي هئي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ صادق آباد واسي نوجوان سردار احمد ڀٽو مارجي ويو هو ۽ 3 ڊرڪ ڊرائيور زخمي ٿي پيا هئا.

پوليس موجب واقعي بعد اڄ ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري ٽن ڊرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائي ڪرائڻ بعد 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*