سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جي جائزي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿي رهيو

Election Commisioon

سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جي جائزي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي گهرو سيڪريٽريز سميت لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا گهرو سيڪريٽريز سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا کي تفصيلي بريفنگ ڏيندا.

ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ بابت درخواستن تي به غور ڪيو ويندو.

واضح رهي ته حيدرآباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي حيدرآباد واري اجلاس ۾ سنڌ جي 15 ضلعن جي ڊي آر اوز فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*