سنڌ ها ءِ ڪورٽ ريلوي هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تان 24 ڪلاڪن اندر قبضو خالي ڪرائڻ ۽ فليٽ اڏيندڙ بلڊر عبدالرزاق خاموش جو نالو اڄ 2 وڳي تائين اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ سميت کيس 18 نومبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Sindh High CCourt

سنڌ ها ءِ ڪورٽ ريلوي  هائوسنگ سوسائٽي جي زمين  تي قبضو ڪري  فليٽ اڏيندڙ بلڊر عبدالرزاق خاموش جو نالو اڄ 2 وڳي تائين اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ کيس 18 نومبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ ڪراچي جي گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي ۾ ريلوي هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تي قبضي خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اي آءِ جي مشتاق مهر ۽ ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ پيش ٿيا، آءِ جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ريلوي هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تان قبضا خالي ڪرايا پيا وڃن ، باقي رهيل ماڻهن کي نوٽيس ڏنا ويا ۽ سمورا فليٽس 3 ڏينهن اندر خالي ڪرايا ويندا.

اهڙي رپورٽ بعد عدالت هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تي فليٽ اڏيندڙ بلڊر عبدالرزاق خاموش جو نالو اڄ 2 وڳي تائين اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽  کيس 18 نومبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*