واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين جي ملڪگير احتجاجي سڏ تي ملازمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن

Wapda-Protest

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين جي ملڪگير  احتجاجي سڏ تي ملازمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

خيرپور ۾ وابڊا  ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري نزاڪت پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪنڌڪوٽ ۾ ملازمن اصغر بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي آفيس جي تالا بندي ڪري گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري نثار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

بدين ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊو يونين پاران  آفيسن جي تالا بندي ڪري  کوسو خان پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان  ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف دادو ۾ حيسڪو ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ملازمن منير جوکيو، قاسم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  هائڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي دوڙ ۾ واپڊا ملازمن اصغر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو.

ساماري ۾ وابڊا ملازمن شاهد قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميهڙ ۾ واپڊا  هائڊرو يونين پاران جي سڏ تي سعيد ڪلهوڙو ۽ زاهد کوسو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو.

ڀرياسٽي وابڊا ملازمن فقير ڪيريو، جلال ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالا بندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون.

امڪاني نجڪاري خلاف ڏوڪري  ۾ وابڊا ملازمن سرور جوڻيجو، عرس سومرو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

لعلو رائينڪ ۾ ملازمن جبار خاصخيلي ۽ منصور ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون.

شاهپورچاڪر ۾ وابڊا ملازمن  ايس ڊي او آفيس جي تالابندي ڪري غلام رسول جهلڻ، نور ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  آڏو احتجاج ڪيو.

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف خانپور مهر ۽ ٻين شهرن  ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا .

واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي سبي ۾ به ڪيسڪو ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪري افضل کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واپڊا کي خانڳائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن نجي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج تحريڪ جاري رکي ويندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*