اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم مڪمل ڪري ورتو

elecation-commiction22-8

اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ٻنهي صوبن ۾ ٻَئي مرحلي لاءِ 4 ڪروڙ 40 لک73 هزار 834 بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن، جن جي رسائي 15 نومبر تي فوج جي نگراني ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، ٻنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ مجموعي طور 4 ڪروڙ 40 لک73 هزار 834 بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سنڌ لاءِ هڪ ڪروڙ 91 لک 43 هزار 259بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ 2 ڪروڙ 49 لک، 30 هزار 575 بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا.

جاري ڪيل پڌرائي ۾ اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو آهي ته بيلٽ پيپرز جي رسائي وارو عمل 15 نومبر تي فوج جي نگراني ۾ ڪيو ويندو.

واضح رهي ته سنڌ جي 15 ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ 21 نومبر تي ٿيندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*