سنڌ هاءِ ڪورٽ 80 ڪروڙ رپين جي رهتن جي ادائگي لاءِ واٽر بورڊ جي داخل درخواست تي اسٽيل مل جي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو

Sindh-high-Court-Pak-Steel

سنڌ هاءِ ڪورٽ 80 ڪروڙ رپين جي رهتن جي ادائگي لاءِ واٽر بورڊ جي داخل درخواست تي اسٽيل مل جي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ واٽر بورڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

واٽر بورڊ پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسٽيل مل ڏانهن پاڻيءَ جون 80 ڪروڙ رپيا رهتون آهن، جن جي ادائگي نه ٿيڻ سبب ادارو مالي بحران جو شڪار ٿي رهيو آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاڻي اسٽيل مل جي نيلامي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب رهتون رولڙي ۾ پئجي وڃڻ جو خدشو آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي اسٽيل مل جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين ڏانهن نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*