سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽيڪسي ۽ رڪشائن ۾ ميٽر نه هئڻ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو

Sindh High Court new

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽيڪسي ۽ رڪشائن ۾ ميٽر نه هئڻ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ راڻا فيض الحسن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 30 هزار ٽيڪسيون ۽ هڪ لک کان وڌيڪ رڪشا آهن پر اهڙين 99سيڪڙو گاڏين ۾ ميٽر نه آهي، جنهن سبب منپسند ڀاڙا وصول ڪيا وڃن ٿا.

عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*