ملير ۾ اسٽيل ملرز جي ملازمن گذريل چئن مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

Protest-Steel

ملير ۾ اسٽيل ملرز جي ملازمن گذريل چئن مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ملز جي ننڍن وڏن ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مل جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ملز جي اسٽيل ملز جي 17 هزار ملازمن کي گذريل چئن مهينن کان رهيل پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب هو معاشي پريشانين جو شڪار آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته وفاقي سرڪار معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ اسٽيل ملز جي سمورن ملازمن کي فوري طور رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*