اليڪشن ڪميشن، وزير اعظم ڪسان پئڪيج بابت ڪيس ۾ خوراڪ واري سيڪريٽري کان 17 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو

Election--11-11

اليڪشن ڪميشن، وزير اعظم ڪسان پئڪيج بابت ڪيس ۾ خوراڪ واري سيڪريٽري کان 17 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ وزير اعظم ڪسان پئڪيج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران سيڪريٽري نيشنل فوڊ اينڊ سڪيورٽي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل محمد افضل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪندي ٻڌڻي 17 نومبر تي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نظر ثاني لاءِ وزير اعظم ڪسان پئڪيج وارو معاملو چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن اماڻيو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*