وزيراعظم ميان نوازشريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچڻ بعد پاڪ نيوي جي مشقن جو جائزو وٺي رهيو

Nawaz-sharif-visit-karachi-11-11

وزيراعظم ميان نوازشريف هڪ ڏينهن جي دوري تي  ڪراچي پهچڻ بعد  پاڪ نيوي جي مشقن جو جائزو وٺي رهيو آهي.

وزيراعظم ميان نوازشريف اسلام آباد کان ڪراچي پهتو، جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته بچاءُ وارو وزير خواجه آصف به وزير اعظم سان گڏ ڪراچي پهتو آهي.

وزير اعظم ڪراچي پهچڻ بعد  پاڪ نيوي جي جنگي مشقن اسپارڪ جو جائزو وٺي رهيو آهي.

نيول چيف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله ۽ ٻيا عملدار وزيراعظم کي سامونڊي فوج جي پيشِيوراڻن معاملن بابت بريفنگ ڏئي رهيا آهن.

ذريعن موجب وزير اعظم ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ هندو برادري پاران منعقد ٿيندڙ  ڏياري تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.

وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد به وزيراعظم سان ملاقات ڪندا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*