ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي نائب صدر ۽انڊين پريميئر ليگ جي سربراهه راجيو شڪلا جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان سيريز کيڏڻ جو فيصلو ڪرڻ يا نه ڪرڻ حڪومت جي هٿ ۾ آهي.

BCCI-11-11

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي نائب صدر ۽انڊين پريميئر ليگ جي سربراهه راجيو شڪلا جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان سيريز کيڏڻ جو فيصلو ڪرڻ يا نه ڪرڻ حڪومت جي هٿ ۾ آهي.

 نئي دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجيو شڪلا جو چوڻ هو ته بال هاڻي ڀارتي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي ته پاڪ-ڀارت سيريز بابت ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري.

هن وڌيڪ چيوته حڪومت پاران گرين سگنل ملڻ بعد سيريز جو ٿيڻ ممڪن آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي سببن ڪري سيريز پاڪستان ۾ ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي، جنهن سبب سيريز ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ منعقد ٿي سگهي ٿي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 2007 کان پوءِ ڪابه ٽيسٽ سيريز نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته 2012 ۾ انڊيا پاڪستان خلاف ٽي ون ڊي ۽ ٻه ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ميزبان ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*