انگليند خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي بعد سندسن نطرون ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي کتل آهن،پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي

azhar-ali-9-11

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته انگليند خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي بعد سندسن نطرون ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي کتل آهن، قومي ٽيم ۾ يونس خان جي شموليت اهم ڪردار ادا ڪندي.

قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهرعلي چيو ته هو ٽيم جي ڪاميابين واري سلسلي کي جاري رکندي ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ گهڻو پراميد آهي.

اظهر علي جو وڌيڪ چوڻ هوته تجربيڪار يونس خان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي،جنهن سان ٽيم جي بيٽنگ مضبوط ٿيندي.

ٽِيسٽ سيريز ۾ قومي ٽيم مصباح الحق جي قيادت ۾ ڪامياب ٿي ۽ هاڻي اطهرعلي کي هڪ اهڙي ٽيم خلاف سيريز کيڏڻي آهي،جيڪا گذريل پنج ون ڊي ميچز ۾ قومي ٽيم کي شڪست ڏئي چڪي آهي.

انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ سڀني جون نظرون يونس خان تي کتل آهن، جنهن کي چار ون ڊي سيريز مان ٽيم کان ٻاهر رکڻ بعد اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ سندس ون ڊي ڪيريئر لاءِ هي سيريز وڏي اهميت رکي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*