خيرپور ۾ 36 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف استادن سيشن ڪورٽ آڏو قران پاڪ جو ورد ڪري انوکو احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي
خيرپور ۾ 36 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف استادن سيشن ڪورٽ آڏو قران پاڪ جو ورد ڪري انوکو احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي .
الله وسايو، حفيظ الله ۽ ٻين جي اڳواڻي جي اڄ ٽئين ڏينهن به قران شريف پڙهي انوکو احتجاج ڪري نعري بازي ڪئي .
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 36 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري سخت فاقا ڪشي ۾ مبتلا آهيون، ڊيوٽي ڪرڻ باجود معاوضو ناهي ڏنو ويو.
هنن گهر ڪئي ته سنڌ سرڪار فوري طور نوٽيس وٺي 36 ميهنن جون پگهارون جاري ڪري معاشي بدحالي کان بچائي.