سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري

Mirpur-Mathelo-11-11

سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن، ڪراچي جي ولي خان اسپتال، ميرپور ماٿيلي جي سول اسپتال ۽ بلڙي شاهه ڪريم جي رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، ان دوران ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ولي خان اسپتال تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم جو چوڻ آهي ته اسپتال جي بجيٽ، دوائن جي خريداري توڙي ملازمن جي حاضري بابت رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ميرپور ماٿيلو ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سول اسپتال تي  ڇاپو هڻي گذريل 7 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ سهولتون نه هئڻ، توڙي دوائن ۾ ٿيل خرد برد بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد ملوث ملازمن تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي اڪبر حيسباڻي جي اڳواڻي ۾ بلڙي شاهه ڪريم جي رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپو هنيو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران هيلٿ سينٽر لاءِ خريد ڪيل دوائن جو 2014 کان 15 تائين جو رڪارد تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته دوائن جي مليل رقم ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*