گورننس جي بهتري بابت آءِ ايس پي آر جي پڌرائي تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪيو ويو

Mahmood-Achakzai-11-11

گورننس جي بهتري بابت آءِ ايس پي آر جي پڌرائي تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪيو ويو، محمود خان اچڪزئي آءِ ايس پي آر جي پڌرائي کي آئين جي روح خلاف قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻئي شريف هڪ ئي پيج تي هوندا ته غير مشروط حمايت ڪنداسين پر ٻنهي ۾ ڪي اختلاف ٿيا ته آئون سويلين شريف سان گڏ هوندس، خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرس جو بيان حڪومت لاءِ واضح اشارو آهي، ان باوجود وزيراعظم وزيرن کي ڪارڪردگي سڌارڻ لاءِ ناهي چيو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ گورننس جي بهتري بابت آءِ ايس پي آر جي پڌرائي تي بحث ڪيو ويو.

محمود خان اچڪزئي آءِ ايس پي آر جي پڌرائي کي آئين جي روح خلاف قرار ڏيندي چيو ته ٻئي شريف هڪ ئي پيج تي هوندا ته غير مشروط حمايت ڪئي ويندي پر ٻنهي ۾ ڪي اختلاف ٿيا ته هو سويلين شريف سان گڏ هوندو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته هو اهڙي پرڏيهي پاليسي جي حمايت نه ڪندا، جنهن جي ايوان مان منظوري ناهي ورتي وئي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اڍائي سالن کان پارليامينٽ کي سنجيده نه ورتو آهي، ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت گورننس ٺيڪ ڪري، حڪومت لاءِ اهو اشارو ڪافي آهي.

 هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف ايوان ۾اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، بادشاهه وزير ڀلا ڇو اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اڍائي سال گذرڻ باوجود پارليامينٽ کي سنجيده نه ناهي ورتو، وفاقي وزير سوالن جا جواب به درست نٿا ڏين.

شيخ رشيد چيو ته هي ايوان مخالف ڌر هلائي رهي آهي، حڪومتي ميمبرز سدائين غير ذميواري جو مظاهرو ڪندا رهيا آهن، پر نواز شريف نوٽيس وٺڻ جي تڪليف ناهي ڪئي.

گهرو وزارت ڪراچي آپريشن جا تفصيل پيش ڪندي چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 48 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي آهي.

گهرو وزارت موجب، ڪراچي آپريشن دوران 17 سئو 31 ڏوهارين کي گرفتار ڪري 15 هزار 6 سئو 12 کان وڌيڪ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*