سپريم ڪورٽ ورڪرز ويلفيئرز فنڊ ۾ گهوٻين جي جوابدارن جي اپيل تي نيب کان ريفرنس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

supreme court

سپريم ڪورٽ ورڪرز ويلفيئرز فنڊ ۾ گهوٻين جي جوابدارن جي اپيل تي نيب کان ريفرنس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب بادشاهه آهي، بي ايماني جي پئسن مان حصو وٺي ٻيهر بي ايماني لاءِ جوابدارن کي ڇڏي ڏئي ٿي.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽَي رڪني بئنچ ورڪرز ويلفيئرز فنڊ ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب بادشاهه آهي، جنهن کي مرضي سان ڇڏي ڏي ۽ جنهن کي پڪڙي وٺي، 10 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪريو ۽ 4 ڪروڙ نيب کي ڏئي آجا ٿي وڃو.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ريفرنس فائل ڪري نيب پلي باگين بعد جوابدارن کي ڇڏي ڏئي ٿي، جيڪي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر بدعنواني جي بازار گرم ڪري ڇڏين ٿا.

هن چيو ته عدالت ڪوڙ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندي، نيب بي ايماني جي پئسن مان حصو وٺي ٻيهر بي ايماني لاءِ جوابدارن کي ڇڏي ڏئي ٿي.

سپريم ڪورٽ نيب کي ريفرنس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*