ڪوئيٽا جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير آفتاب شير پائو جي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي

Shair-Poy-Akber-Case-11-11

ڪوئيٽا جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير آفتاب شير پائو جي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جان محمد گوهر، نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آفتاب شير پائو جا وڪيل پيش ٿيا.

آفتاب شير پائو جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته اڳوڻي وفاقي گهرو وزير جي طبعيت ٺيڪ ناهي، انڪري کيس هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته نواب اڪبر بگٽي ڪيس بابت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ڪهڙو فيصلو آيو آهي.

وڪيلن ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت کين ڄاڻ ناهي، معاملي جي ڄاڻ حاصل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏنا ويندا.

عدالت، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير آفتاب شير پائو جي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*