لاهور هائيڪورٽ، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جو حلفيه بيان رد ڪندي کيس ٻيهر بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Altaf-Hussain-Lahore-High

لاهور هائيڪورٽ، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جو حلفيه بيان رد ڪندي کيس ٻيهر بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس مظهر علي جي سربراهي ۾ لاهوءِ هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ايم ايم ڪيو سربراهه الطاف حسين جي حلفيه بيان خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته الطاف حسين پاران جمع ڪرايل حلفيه بيان ڪوڙو آهي، جڏهن ته ان تي پاڪستان هاءِ ڪميشن جي عملدارن جون به صحيحون ناهن ٿيل.

درخواستگذارن ڄاڻايو ته الطاف حسين قومي ادارن خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچايو.

عدالت الطاف حسين جي حلفيه بيان کي رد ڪندي ايم ڪيو ايم سربراهه جي تقريرن، تصويرن ۽ بيان نشر ڪرڻ وارو فيصلو برقرار رکيو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اڻ تصديق ٿيل حلفيه بيان کي منظور نٿو ڪري سگهجي، تنهنڪري الطاف حسين جو نئون حلفيه بيان جمع ڪرايو وڃي.

هائيڪورٽ، الطاف حسين جو حلفيه بيان رد ڪندي سندس تقرير ۽ تصويرون نشر ڪرڻ واو حڪم 17 نومبر تائين برقرار رکيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*