لکي غلام ويجهو ٻن پوليس اهلڪارن جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف محمود آباغ شهر ۾ هڙتال ڪئي وئي

lakhi-ghulam-shah-attack

لکي غلام ويجهو  ٻن پوليس اهلڪارن جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف محمود آباغ  شهر ۾ هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته  پوليس غوثپور ۽ لکي غلام شاهه وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ٻن سرڪاري اهلڪارن سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل خلاف شڪارپور ضلعي جي محمود آباغ شهر ۾  شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي.

جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس لکي غلام شاهه ۽ غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ يعقوب تيغاڻي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن سرڪاري اهلڪارن سميت 7 ڄڻن کي  گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار ڪيل  ڳوٺاڻن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار اڪبر تيغاڻي، پنهل تيغاڻي  ،عرفان علي مهر، سيد ارباب شاهه ۽ ٻيا شامل آهن …

پوليس غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾يعقوب تيغاڻي جي ٻن گهرن کي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*