چين کي ڀلي گوادر منصوبي ۾دلچسپي هجي پر ڪيٽي بندر رٿا به اهم آهي:سنڌ جي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

qaim-ali-shah-chani-wafad

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي لاءِ اهم آهي،  چين گوادر منصوبي ۾دلچسپي وٺي رهيو آهي پر وفاقي حڪومت ۽ چين کي ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پاڪ چين راهدري منصوبي بابت تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته 40 ارب ڊالر جي لاڳت سان ايڪنامڪ ڪوريڊرو سان ملڪ جي تقدير تبديل ٿي ويندي پر ٻن اهم شيئن کي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ڪراچي کان لاهور تائين موٽروي ضرور ٺاهيو وڃي پر حيدرآباد کان سکر تائين روڊ جي حالت بهتر بڻائي وڃي.

هن چيو ته ٻئي اهم شئي ڪي ٽي بندر آهي،  جتي پهچڻ لاءِ روڊن جي حالت به خراب آهي۽ انهن کي به اوليت ۾ شامل ڪيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو  ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي لاءِ اهم آهي،  چين گوادر منصوبي ۾دلچسپي وٺي رهيو آهي ان تي کين اعتراض ناهي پر وفاقي حڪومت ۽ چين کي ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*