پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هميشه آزمائش جي گهڙي ۾ هڪٻئي جي اميدن تي پورا لٿا آهن:آرمي چيف جنرل راحيل شريف

army cheif

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هميشه آزمائش جي گهڙي ۾ هڪٻئي جي اميدن تي پورا لٿا آهن.

 جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان چين جي اعليٰ سطحي فوجي وفد ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي قيادت جو 11 سالن ۾ پهريون دورو آهي، چيني فوجي وفد جي قيادت جنرل فين چينگ لونگ ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ سڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته چين ۽ پاڪستان جو سٺو پاڙيسري ۽ ويجهو دوست آهي،  ٻنهي ملڪن ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن.

آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هميشه آزمائش جي گهڙي ۾ هڪٻئي جي اميدن تي پورا لٿا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقل ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندا.

چين جي فوجي وفد دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪ لاءِ فائديمند آهي….. .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*