سنڌ هاءِ ڪورٽ مرزا جي حامي اميدوارن جي درخواست اڪلائي ڇڏي

sindh-highi-court11-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ ذوالفقار مرزا جي حامي اميدوارن جي فوج ۽ رينجرز جي مقرري بابت درخواست اڪلائيندي اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي ته مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنز ۽ عملي جي مقرري  بابت 10 آگسٽ 2015 تي ڏنل فيصلي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت جي سربراهي ۾ بئنچ ذوالفقار مرزا جي حامي اميدوارن جي درخواست ٻڌڻي ڪئي.

ذوالفقار مرزا جي 17 حامي اميدوارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي مطالبو ڪيو هو ته  پولنگ اندر ۽ ٻاهر رينجرز يا فوج  کي مقرر ڪيو وڃي.

ذوالفقار مرزا جي حامي اميدوارن پٽيشن ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري، ڊي آءِ جي حيدر آباد ۽ ضلعي انتظاميا کي ڌر بڻا ئيندي  چيو  ته کين حراسان ڪرڻ سان گڏ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

عدالت اهڙي درخواست اڪلائيندي اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنز ۽ عملي جي مقرري  بابت 10 آگسٽ 2015 تي ڏنل  پنهنجي فيصلي تي عمل کي يقيني بڻائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*