سنڌ هاءِ ڪورٽ قاسم آباد کي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن مان ڪڍي ميونسپل ڪميٽي جوڙڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

Sindh-high-court-02

سنڌ هاءِ ڪورٽ قاسم آباد کي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن مان ڪڍي ميونسپل ڪميٽي جوڙڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس عرفان سعادت خان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت مڪاني ادارن جون چونڊون روڪي نٿا سگهون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عرفان سعادت خان جي سربراهي ۾ بئنچ محبوب ابڙي ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنا آهن ته ڪوبه اهڙو قدم نه کنيو وڃي، جنهن سان مڪاني ادارن جون چونڊون ملتوي ٿين.

هن چيو ته ڌريون اهڙيون تجويزون ڏين جنهن سان چونڊون به ملتوي نه ٿين ۽ ڌرين جون شڪايتون به ختم ٿي وڃن.

جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اڳ ۾ حڪم جاري ڪري چڪي آهي ته تڪبندين ۾ ڦير ڦار بابت سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن وچ معاهدي جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*