سـُپريم ڪورٽ، سانگهڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 81 تي فنڪشنل ليگ جي اميدوار ڄام مدد علي کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو

Jam Madad Ali

سـُپريم ڪورٽ، سانگهڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 81 تي فنڪشنل ليگ جي اميدوار ڄام مدد علي کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت پيپلزپارٽي جي اصغر علي جوڻيجو کي ڪامياب قرار ڏيڻ بابت اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو  به ڪالعدم قرار ڏنو آهي.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پي ايس 81 تي اصغر علي جوڻيجو جي ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪاميابي خلاف ڄام مدد علي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ڄام مدد علي جي وڪيل مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو ته پي ايس 81 تي سندس مئوڪل ڪامياب ٿيو هو پر اليڪشن ٽربيونل ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڏني.

وڪيل دليل ڏنا ته ٻيهر ڳڻپ ذريعي ڄام مدد علي کي حڪومتي مشينري استعمال ڪري هارايو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عدالت، ڄام مدد علي جي درخواست منظور ڪندي کيس ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت، پ پ جي اصغر علي جوڻيجو کي ڪامياب قرار ڏيڻ بابت اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*