چونڊون ٿينديون آهن ته بيٽ ۽ شينهن گڏجي ويندا آهن ۽ آمريت جا پوڄاري نٿا چاهين ته اسان متحد ٿيون: بلاول ڀٽو زرداري

bilawal-mathi

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته راوڻ کي ٿر ۾ نمائندو مقرر ڪندڙ ميان صاحب جو ڪوبه واعدو پورو نه ٿيو آهي،  چونڊون ٿينديون آهن ته بيٽ ۽ شينهن گڏجي ويندا آهن ۽ آمريت جا پوڄاري نٿا چاهين ته اسان متحد ٿيون.

مٺي ۾ڏياري جي حوالي سان جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انتهاپسندي کي ڄاڻي واڻي هٿي ڏني پئي وڃي ۽ پ پ خلاف سڀ متحد ٿي وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته اها غريبن جي پارٽي آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين نواز شريف سان مخاطف ٿيندي چيو ته ميان صاحب اوهان جا ڪيل واعدا ڪيڏانهن ويا.

هن چيو ته هڪ پاسي ميان صاحب ۽ ان جا راوڻ آهن ته ٻئي پاسي بيٽ وارا خانصاحب آهن.

هن چيو ته ڀلي ڪراچي ۽ عمرڪوٽ ۾ ڏياري جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيو پر ووٽ اوهان کي نه ملندو.

هن چيو ته جيڪي نفرت پکيڙين ٿا اهي اسان مان ناهن ۽ پيپلزپارٽي ڏياري کي پنهنجو ڏڻ سمجهي ٿي ۽ اها سڀني کي گڏ کڻي هلندي.

پ پ چيئرمين چيو ته جڏهن اليڪشن ٿيندي آهي ته بيٽ شينهن وارا گڏجي ويندا آهن.

جلسي کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏ ڏياري جو ڪيڪ ڪاٽيو، جڏهن بلاول ڀٽو زرداري جي پ پ ايم پي اي مهيش ڪمار ملاڻي جي گهر آمد تي سندس آرٿي لاٿي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*