مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ اسٽينز جون لسٽون فراهم نه ڪرڻ ۽ جانبدار عملو مقرر ڪرڻ خلاف فنڪشنل ليگ پاران سانگهڙ ۾ ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻو

f-leg-dharno

مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ اسٽينز جون لسٽون فراهم نه ڪرڻ ۽ جانبدار عملو مقرر ڪرڻ خلاف فنڪشنل ليگ پاران سانگهڙ ۾ ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته چونڊ تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو، جڏهن ته اڳواڻن ۽ ڊي آر او وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.

مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خدشي سبب فنڪشنل ليگ جي سوين ڪارڪنن اڳواڻي وفاقي وزير حاجي خدا بخش راڄڙ، ايم اين پير بخش جوڻيجو، ايم پي اي وريام خاصخيلي،  ايم پي اي نند ڪمار گوگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو آهي.

ان موقعي تي حاجي خدا بخش راڄڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ ڌانڌلي جو منصوبو جوڻيندي جانبدار عملو مقرر ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪيون ويون آهن، جنهن جو لسٽون به کين فراهم ناهن ڪيون ويون.

اڳواڻن مطالبو ڪيوته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ جانبدر عملو مقرر ڪري پولنگ لسٽون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ چونڊن تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو.

ڌرڻي دوران اڳواڻي وفاقي وزير حاجي خدا بخش راڄڙ، ايم اين پير بخش جوڻيجو، ايم پي اي وريام خاصخيلي،  ايم پي اي نند ڪمار گوگلاڻي ۽ ٻين ڳواڻن سان ڊي آر او پاران پنهنجي آفيس ۾ ڳالهيون جاري آهن………………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*