وزيراعظم نواز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وچ ۾ملاقات دوران ٻنهي ملڪن کي ملائڻ لاءِ رستن جي تعمير جي منظوري

nawaz-tajistan

وزيراعظم نواز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وچ ۾ملاقات دوران ٻنهي ملڪن کي ملائڻ لاءِ رستن جي تعمير سميت مختلف منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي، نواز شريف چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبو ۽ مواصلاتي رابطن ذريعي خطي ۾ تبديلي ايندي.

گورنر هائوس مري ۾ وزيراعظم نوازشريف سان تاجڪستان جي صدر امان علي رحمان ملاقات ڪئي، جنهن دوران دفاع وارو وزير خواجه آصف، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽  نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ملاقات دوران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين اقتصادي راهداري سميت پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

تاجڪستان جي صدر بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي ساراهه ڪندي چيو ته تجويز ڪيل منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪيو ويندو.

 ملاقات دوران ٻنهي ملڪن کي ملائڻ لاءِ رستن جي تعمير سميت مختلف منصوبن جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ گوادر کان پشاور، ڪابل ۽ قندوز جي رستي دوشنبي تائين رستي جي تعمير وارو منصوبو به شامل آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو ۽ مواصلاتي رابطا خطي لاءِ گيم چينجر آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*