ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ پ پ اڳواڻ تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي

liari-bam

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ پ پ اڳواڻ تي دستي بم حملي  جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

لياري جي نيا آباد واري علائقي ۾ جوابدارن  پ پ اڳواڻ اسلم سمون تي دستي بم حملي سان حملو ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ هو محفوظ رهيو، جڏهن ته حملي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيلن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*