ڏکڻ وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو

ڏکڻ وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 8 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد به مارجي ويو.

سڪيورٽي فورسز پاران ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي برمل جي شين ورسڪ ۽ اعظم ورسڪ واري واري علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪريون ٿي پيون.

چڪرين دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 8 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي هڪ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.

سڪيورٽي فورسز علائقن کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*